ڀارت: چيني جاسوسي جي شڪ ۾ گرفتار ڪبوتر بي گناهه ثابت ٿيڻ تي آزاد

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت چين جي جاسوسي جي الزام ۾ گرفتار ڪيل ڪبوتر کي بي گناهه قرار ڏئي آزاد ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا موجب ان ڪبوتر کي ممبئي جي هڪ بندرگاهه تان مئي 2023ع ۾ پڪڙيو ويو هو.
ان ڪبوتر جي ڄنگهن ۾ منڊيون موجود هيون جن تي چيني ٻوليءَ جهڙا اکر لکيل هئا، جڏهن ته ڪبوتر جي پَرن تي به ڪجهه لکيل هو.
ڀارتي پوليس ان ڪبوتر تي چيني جاسوس هجڻ جو شڪ ظاهر ڪندي ان جانور کي هڪ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو هو.
جانورن لاءِ ڪم ڪندڙ اداري People for the Ethical Treatment of Animals (پيٽا) پهرين فيبروري تي ٻڌايو ته ڀارت ۾ ڪم ڪندڙ ان شاخ ڪبوتر جي آزادي يقيني بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪئي.
پيٽا هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته اسان کي مئي 2023ع ۾ خبر پئي هئي ته پوليس هڪ ڪبوتر پڪڙيو آهي جنهن جي پرن تي اهڙو پيغام لکيل آهي جنهن کي پڙهڻ ممڪن ناهي.
پوليس جي جاچ کان پوءِ خبر پئي ته اهو ڪبوتر حقيقت ۾ تائيوان سان واسطو رکي پيو جنهن کي پاڻي جي مٿان پکين جي ريس ۾ استعمال ڪيو ويندو هو، جنهن دوران هو رستي ڀُلجي حادثاتي طور تي ڀارت پهچي ويو.
ڪبوتر جي حقيقت خبر پوڻ کان پوءِ ان ڪبوتر کي پيٽا جي ممبئي شاخ جي حوالي ڪيو ويو جن ان کي آزاد ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.