عام چونڊن کان اڳ 88 اميدوار دنيا ڇڏي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ عام چونڊن کان اڳ 88 اميدوار دنيا ڇڏي ويا، فوتين ۽ مارجي ويلن ۾ قومي اسيمبلي جا 9 ۽ صوبائي اسيمبلين جا 79 اميدوار شامل آهن.
ذرين موجب اين اي 8 باجوڙ ۽ ڪي پي 22 مان آزاد اميدوار ريحان زيب کي قتل ڪيو ويو، جنهن سبب چونڊون ملتوي ڪيون ويون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪي پي 91 ڪوهاٽ مان اميدوار عصمت الله 30 جنوري تي لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن جي نتيجي ۾ اتي به چونڊ ملتوي ڪئي وئي.
ذريعن موجب حتمي فهرستون جاري ٿيڻ کان اڳ لاڏاڻي سبب 86 تڪن ۾ چونڊون ملتوي نه ڪيون ويون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.