نادرا جو ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اغوا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نجيب الله کي اسلام آباد مان اغوا ڪيو ويو.
اسلام آباد ۾ نادرا جو ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نجيب الله مبينا طور اغوا ٿي ويو.
نادرا جي آفيسر جي اغوا جو ڪيس اسلام آباد پوليس رمنا ٿاڻي ۾ مغوي جي ڀاءَ جي فرياد تي داخل ڪري ورتو.
ڪيس جي متن ۾ چيو ويو ته منهنجو ڀاءُ ڪالهه رات 9 وڳي گهران نڪتو پر واپس نه موٽيو، هن ڪال به ڪئي هئي ۽ گهٻرايل محسوس ٿي رهيو هو.
ڀاءَ موجب نجيب الله ڪال تي ٻڌايو ته مون کي ڪنهن ويهاريو آهي، ان کانپوءِ فون بند ٿي وئي.
فريادي شڪ ظاهر ڪيو ته ڀاءُ نجيب الله کي ڪنهن اغوا ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.