سوات (م ڊ ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي چيف آرگنائيزر ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز بشريٰ بيبي جو نالو وٺڻ کانسواءِ کيس تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. سوات ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته جڏهن توهان جا ٻار لنڊن ۾ آرام سان آهن ته هتي ٻار جيل جي سلاخن ۾ ڇو آهن؟ جيڏهن هڪ عورت چوري ڪئي آهي ته اها بني گالا جي محل ۾ ڇو آهي؟ هي هن موڪلن ۽ جنن تي ڀاڙي حڪومت ڪري رهيا هئا، اهي سندن ساٿ ڇڏي ڀڃي ويا آهن، نواز شريف جي ڌيءَ ڪنهن جي گرفتاري تي خوش ناهي. مريم نواز چيو ته مون کي سهالا ريسٽ هائوس وڃڻ جي به آڇ ڪئي وئي، بي ڪلاس جي آڇ ڪئي وئي پر مون اهي سهولتون وٺڻ کان انڪار ڪندي چيو ته مان پنهنجي والد سان گڏ اڊيالا جيل ۾ ويندس. هن چيو ته جيڪي سازشون ڪندا آهن اهي سدائين زنده نه رهندا آهن، جنهن ماڻهن کي چور چيو، اڄ هو پاڪستان جو سڀ کان وڏو چور ثابت ٿي ويو آهي، سندس خاندان به چور نڪتو آهي.
سائفر ڪيس، عمران خان پاران فيصلي جي تصديق ٿيل ڪاپي لاءِ عدالت سان رابطو
اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان سائفر ڪيس جي تصديق ٿيل ڪاپي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪري ورتو. عمران خان بئريسٽر علي ظفر ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سائفر ڪيس جو ٽرائل قانوني گهرجن جي ابتڙ ٿيو، سائفر ڪيس جي ٽرائل ۾ قانوني خاميون آهن، جوابدارن جي وڪيلن کي استغاثه جي شاهدن تي جرح ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالت فيصلو قلم 367 جي ڀڃڪڙي ڪندي ٻڌايو آهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته خاص عدالت کي سمورا ثبوت، عبوري ۽ حتمي حڪمن جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي.
عمران خان کي وڌ ۾ وڌ 14 سال جيل ۾ رهڻو پوندو: قانوني ماهر
اسلام آباد(م ڊ) توشه خانه ڪيس ۾ احتساب عدالت جي فيصلي کانپوءِ عمران خان ڪيترو وقت جيل ۾ رهندو؟ اڳوڻي وزيراعظم کي 14 سال قيد يا 24 سال قيد جي سزا ٿيندي، ڇو ته کيس سائفر ڪيس ۾ به 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ريٽائرڊ جج سميت قانوني ماهرن جي راءِ آهي ته عمران خان جي سزا هڪ ئي هوندي. جسٽس (ر) وجيه الدين احمد دي نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان جي ڪيس ۾ جيڪڏهن عدالت کيس گڏيل سزا ٻڌائي ته عمران خان کي وڌ ۾ وڌ 14 سال جيل ۾ رهڻو پوندو. سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي اڳوڻي صدر سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو آهي ته جڏهن هڪ کان وڌيڪ سزائون هجن ته عدالتون حتمي فيصلي ۾ واضح ڪنديون آهن ته سزا ڪيتري هوندي. هن چيو ته عام طور تي قانون ٻڌائي ٿو ته عدالت سزائون تڏهن گڏ ڏيندي آهي ته جيستائين ڪو پيشور مجرم يا گهبرل دهشتگرد نه هجي. عمران خان جي ڪيس ۾ اها هڪڙي سزا هوندي ۽ کيس وڌ کان وڌ سزا ڀوڳڻي پوندي. هن چيو ته جيڪڏهن عدالتون ڪنهن سبب جي ڪري اهو واضح نه ڪن ته سزا هڪڙي يا مجموعي هوندي، اهڙي صورت ۾ وڪيل ضابطه فوجداري جي سيڪشن 561 تحت گڏيل سزا لاءِ درخواست داخل ڪري سگهي ٿو.