جي يو پي طرفان سڄي ملڪ ۾ پيپلزپارٽي اميدوارن جي حمايت جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) جمعيت علماءِ پاڪستان، سڄي ملڪ ۾ پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪندي سندن حق ۾ پنهنجن  اميدوارن کي هٿ کڻائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ حيدرآباد ۾ راجپوت هائوس پهچي جي يو پي جي اڳواڻ صاحبزاده ابوالخير محمد زبير سان ملاقات بعد پريس ڪانفرنس ڪئي، پريس ڪانفرنس دوران شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جي يو پي سڄي ملڪ ۾ پ پ اميدوارن سان الحاق ڪيو آهي جنهن ڪري جي يو پي جا سمورا اميدوار پ پ اميدوارن جي حمايت ۾ دستبردار ٿيندا. ان موقعي تي جي يو پي سربراهه صاحبزاده ابوالخير محمد زبير چيو ته سندن قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏجي 1973ع وارو آئين ٺاهيو ان ڪري کين نٿو جڳائي ته هو پ پ اميدوارن جي سامهون بيهي، پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ساڻس واعدو ڪيو آهي ته هو اقتدار ۾ اچي آئين جي پاسداري ڪندو، هو حيدرآباد جي قومي توڙي صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي بيٺل سمورا اميدوار پ پ جي اميدوارن جي حق ۾ هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري ٿو، جڏهن ته ان کان علاوه سنڌ جي ٻين شهرن توڙي ملڪ جي ٻين هنڌن تي به جي يو پي جا سمورا اميدوار پ پ اميدوارن جي حق ۾ دستبردار ٿيندا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جي يو پي سربراهه پيپلزپارٽي کي مان ڏئي سندن اميدوارن کي هٿ کڻايو آهي اها سٺي روايت آهي، جي يو پي سڄي ملڪ ۾ پ پ اميدوارن سان الحاق ڪري رهي آهي. پي ٽي آئي جا اميدوار ناهن ڇاڪاڻ ته پي ٽي آئي اليڪشن نه پئي وڙهي ان ڪري اهي سمورا اميدوار آزاد اميدوار سمجهيا ويندا. هن چيو ته پ پ جيئن جي يو پي کي حمايت جي گذارش ڪئي، اهڙي ريت چونڊن ۾ ڪاميابي کانپوءِ حڪومت ٺاهڻ لاءِ آزاد اميدوارن سان به ڳالهيون ڪندي. هو سمجهي ٿو ته چونڊون ملتوي نه ٿيندي ڇو ته چونڊن ۾ باقي ڪجهه ڏينهن وڃي بچيا آهن. سمورين پارٽين پاران چونڊ مهم سميت ٻيا مرحلا به مڪمل ڪيا ويا آهن. شرجيل ميمڻ دعويٰ ڪئي ته 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن دوران پ پ سڄي ملڪ مان سڀ کان وڌيڪ سيٽون کڻندڙ پارٽي بڻجندي، هن هڪ سوال جي جواب چيو ته پ پ ۾ ڪا به ڌڙابندي ناهي، ان بابت اليڪشن جا نتيجا ئي سڀني کي ٻڌائيندا ۽ پ پ سنڌ ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي، سنڌ ۾ پ پ جو ڪو مقابلو ناهي، پي ٽي آءِ سربراهه به پ پ اڳواڻن کي انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻائڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي هئي ان ڪري ملڪ ۾ پ پ واحد جماعت آهي جيڪا انتقامي سياست تي يقين نٿي رکي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.