اوچ شريف (ويب ڊيسڪ) انٽر چينج تي موٽر وي پوليس پشاور کان سکر هٿيارن جي کيپ سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ٻن عورتن سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
ايم 5 موٽر وي تي واچ شريف انٽر چينج ڀرسان پوليس ڪارروائي ڪئي ۽ هٿيارن جي وڏي کيپ سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
ايس پي موٽر وي موجب هٿيارن جي کيپ امڪاني طور سنڌ جي ڪچي جي علائقي منتقل ڪئي پئي وئي، هزارين گوليون ۽ هٿيارن جي کيپ گاڏي جي ڳجهن خانن مان برآمد ڪئي وئي.
ايس پي موٽر وي ٻڌايو ته جوابدارن وٽان ايئر ڪرافٽ، جي ٿري، ڪلاشنڪوف، رائفلز، پسٽل جي وڏي کيپ برآمد ڪئي وئي، جڏهن ته ڪارروائي دوران ٻن عورتن سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، وڌيڪ جاچ جاري آهي.
You might also like