واٽس ايپ واهپيدارن جي وڏي سهولت ختم ڪري ڇڏي

جيڪڏهن اوهان اينڊرائڊ سمارٽ فون تي واٽس ايپ استعمال ڪندا آهيو ۽ ميسيجنگ اڪائونٽ تي تمام گھڻيون تصويرون ۽ وڊيوز اينديون آهن ته بهتر آهي ته هاڻي انهن کي بيڪ اپ ڊيٽا ۾ محفوظ ٿيڻ نه ڏيو.
اهو جو سبب اهو اهي جو هاڻي واٽس ايپ جو بيڪ اپ ڊيٽا اوهان جي گوگل اسٽوريج جو اسپيس استعمال ڪندو.
رپورٽ موجب هيل تائين واٽس ايپ جي ڊيٽا بيڪ اپ لاءِ گوگل ڊرائيو اسٽوريج جي ڪا به حد نه هئي.
رپورٽ موجب هيل تائين گوگل اڪائونٽ جي 15 جي بي اسٽوريج ۾ واٽس ايپ ڊيٽا کي ڪائونٽ نه ڪيو ويندو هو پر نومبر 2023 ۾ ميٽا پاران اعلان ڪيو ويو هو ته 2024ع جي شروع کان واٽس ايپ بيڪ اپ گوگل اسٽوريج ۾ ڪائونٽ ڪيو ويندو.
هاڻي اُهو وقت اچيو ويو آهي ۽ واهپيدارن جو واٽس ايپ جو بيڪ اپ ڊيٽا گوگل اسٽوريج استعمال ڪري رهيو آهي.
ان بابت ڄاڻڻ لاءِ گوگل اڪائونٽ اسٽوريج ۾ وڃي other سيڪسن تي ڪلڪ ڪريو، جتي واٽس ايپ جي نالي سان نئون اضافو نظر ايندو.
اتي واٽس ايپ جي ڊيٽا جي اڳيان ٺهيل ايرو تي ڪلڪ ڪرڻ تي واٽس ايپ جو Manage Storage پيج کُلي ويندو، جتي اوهان ڏسي سگھندا ته ڪهڙي چيٽ ۽ فائيل گوگل اسٽوري ۾ جاءِ والاري ورتي آهي.
اوهان وڏين ميڊيا فائلز کي ڊليٽ ڪري پنهنجي واٽس ايپ چيٽ بيڪ اپ اسٽوريج اسپيس کي گھٽائي سگھو ٿا.
رپورٽ موجب اها تبديلي ڪجهه ماڻهن لاءِ ڪئي وئي آهي ۽ جيئن جو تيئن سڀني واهپيدارن جو بيڪ اپ ڊيٽا گوگل اسٽوريج جو حصو بڻجي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.