ماڻهو سوشل ميڊيا ۽ ميسجز ۾ گاريون ڏيندا آهن: اساما مير

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ٽيم جي ليگ اسپنر اساما مير چيو آهي ته گذريل سال ڀارت ۾ کيڏيل ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ آسٽريليا خلاف ميچ دوران ڊيوڊ وارنر جو ڪيچ ڊراپ ڪرڻ تي ماڻهن گاريون ڏنيون.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي اساما مير چيو ته ڀارت ۾ ورلڊ ڪپ ميچن دوران سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ تي افسوس آهي.
آسٽريليا خلاف ڊيوڊ وارنر جو ڪيچ ڊراپ ڪرڻ تي اساما مير ٻڌايو ته هو اڄ تائين جيتريون ميچون کيڏيو آهي انهن ۾ ڊيوڊ وارنر جو ڪيچ ئي ڊراپ ٿيو پر اِهو هڪ اهڙو ڪيچ هو جيڪو ڪير به پڪڙي پئي سگهيو، ڪيچ ڇڏڻ کانپوءِ ماڻهن جو ردعمل ڏاڍو خراب هو، سندس خلاف سوشل ميڊيا تي گٿي ٻولي استعمال ڪئي وئي پرائيويٽ ميسيجز ۾ ڪري گاريون ڏنيون ويون.
هن چيو ته ماڻهو هڪ ڪارڪردگي جي بنياد تي ڊان بريڊ مين بڻائي ڇڏيندا آهن پر هڪ بُري ڪارڪردگي سبب ساڳا ئي ماڻهو اوهان کي پرچي ۽ نه ڄاڻ ڪهڙن ڪهڙن لقبن سان نوازيندا آهن.
اساما مير وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عوام کي اسان کي سپورٽ ڪري، ڇو ته اسان ڪنهن ٻئي ملڪ نه پنهنجي ملڪ لاءِ کيڏي رهيا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.