انساني معدي ۽ وات ۾ وائرس جهڙا پراسرار جاندار دريافت

اسان انساني جسم بابت گھڻو ڪجهه ڄاڻي چڪا آهيون ۽ جينوم سيڪونس به بڻائي چڪا آهيون، پر اڃا به سائنسدان اسان جي اندر لڪيل نيون شيون دريافت ڪري رهيا آهن.
جي ها واقعي سائنسدانن معدي ۽ وات ۾ نئين شيءَ دريافت ڪئي آهي جنهن بابت اڳ ۾ ڪنهن کي به خبر نه هئي.
سائنسدانن معدي ۽ وات ۾ وائرس جهڙن جاندارن کي دريافت ڪيو آهي جن کي obelisks جو نالو ڏنو ويو آهي.
اهو جاندار وائرس جيان پنهنجو نقل بڻائين ٿا، پر ڪاٿي ۾ تمام ننڍا ۽ سادا هجن ٿا.
تمام ننڍي ڪاٿي سبب انهن کي viroid ڪلاس ۾ شامل ڪيو ويو آهي جيڪو سنگل آر اين اي تي ٻڌل جاندارن جو ڪلاس آهي.
پر viroid بيمار ڪرن جي صلاحيت رکن ٿا پر جسم ۾ موجود obelisks ائين نٿا ڪري سگھن.
ته پوءِ اهي اسان جي جسم ۾ ڇو آهن ۽ ڇا ڪندا آهن؟ اهو اُهو سوال آهي جنهن جو جواب اڃا تائين سائنسدانن وٽ نه آهي.
پر انهن کي دريافت ڪندڙ اسٽينفورڊ يونيورسٽي، ٽورنٽو يونيورسٽي ۽ ٽيڪنيڪل يونيورسٽي جي سائنسدانن جي خيال ۾ اهي جاندار معدي ۾ انساني microbiome جي جينياتي سرگرمين تي اثرانداز ٿيندا آهن.
پر وات ۾ اهي ڇا ڪندا آهن، ان بابت سائنسدان ڪو به اندازو ناهن لڳائي سگھيا ۽ ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق ڪري رهيا آهن.
حيران ڪندڙ طور تي بيڪٽيريا جو 50 سيڪڙو حصو انهن تي ٻڌل آهي جڏهن ته معدي جي بيڪٽيريا ۾ انهن جو حصو 7 سيڪڙو جي ويجهو آهي.
محققن موجب نتيجن مان واضح ٿئي ٿو ته اسان اڃا به وائرل يونيورس جي سرحد تي موجود آهيون.
ان حوالي سان تحقيق جا نتيجا پري پرنٽ ڊيٽا بيس bioRxiv ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.