ڪوٽڙي ۾ملڪ اسد جي حامي وڏيري پاران عورتن لاءِ ڪريل زبان جو استعمال،ڌمڪيون

ڪوٽڙي (رپورٽ:جبار ڪابورو )اسان چڙي پياسين ته  هنن جون رنون به   ڪونه لڀنديون ملڪ چنگيز کي چيلينج ٿو ڪريان ملڪ اسد سڪندر اجازت ڏئي ته مخالف ورڪ به نه ڪري سگهندا،ڪوٽڙي مسڪين  ڪالوني ۾ ڪا ٻورا برادري طرفان ملڪ سڪندر خان جي مان ۾ رکيل گڏجاڻي کي ڀٽو جمالي جو خطاب هن چيو ته  اسين ملڪ اسد سان محبت ڪريون ٿا تاج پارائڻ تي مخالفن تنقيدون ڪيون ملڪ چنگيز علائقي ۾ نظر ئي ناهي ايندو هو هاڻ ڄامشورو مان رنون ڪڍي ورڪ تي آيو،اسان جي چڙي پياسين ته  سندس حمايتي رنون بيهي ڪونه سگهنديون چاهيون ورڪ به نه ڪري سگهندا کيس آفيسون به کولڻ ڪونه ڏينداسين،جڏهن ته اليڪشن ورڪ دوران مقامي وڏيري پاران عورتن خلاف ڳالهايل ٻولي تي سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي، سياسي سماجي ڌرين اهڙي بيان جي مذمت ڪندي اليڪشن ڪميشن توڙي آر او کان ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي،هنن چيو ته  پ پ اهڙا جاهل وڏيرا عوام مٿان ٿافيا آهن جن کي ڳالهائڻ به نٿو اچي سياست کي سياست ئي ڪري وڙهڻ گهرجي عورتن خلاف نازيبا ٻولي استعمال ڪرڻ ۽ کين گم ڪرڻ واري بيان تي ڪاروائي ٿيڻ گهرجي اهڙن بيانن سان امن امان خراب ٿيندو تقرير ۾ گٿو ڳالهائيندڙ ڀٽو جمالي فوري طور معافي وٺي ٻي صورت ۾ سندس گهيرو تنگ ڪنداسين،هوڏانهن ڀٽو جمالي پاران تقرير ۾عورتن بابت چيل لفظن تي ملڪ سڪندر خان جي وضاحت ڪندي چيو آهي ته عورتون ۽ نياڻيون اسان جون هجن يا مخالفن جون، سڀ اسان جون مائرون ڀينرون آهن ،ڀٽو جمالي جذبات ۾ اچي عورتن لاءِ نامناسب لفظ چيا، پر مخالفن وٽ تنقيد کان سواءِ ٻيو ڪجهھ به  ناهي پي ايس 79 پ پ پ جي نامزد اميدوار ملڪ سڪندر خان ميونسپل ٻولهاڙي ۾ مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جو ۽ اسان جي ساٿين جو ڪردار گواھ آهي ته  اسان عورتن ۽ نياڻين جي عزت ڪندڙ آهيون،مخالفن وٽ عوام کي ٻڌائڻ لاءِ ٻيو ڪجهھ به ناهي، هو اخلاقي طور شرمناڪ شڪست کائي چڪا آهن هتان جي عوام سدائين محبتون ڏنيون آهن جن کي وساري نٿو سگهجي اسان کي ڪو تاج ٿو پارائي ته  پنهنجي محبت ۽ پنهنجي پيسن مان ٿو پارائي اسان ڪنهن کي پيسا ناهيون ڏيندا

پ پ اميدوار جاهلاڻي انداز ۾ تقريرون پيو ڪري: منير حيدر شاهه

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو ۾ تڪ اين اي 226 تي سيد منير حيدر شاھ ۽  پي ايس 79 ٿاڻو بولا خان تڪ تي اميدوار ملڪ چنگيز خان جي  مان ۾ سنڌ يونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي ۾ ناريجا برادري جي معزز عبدالغفور ناريجو، قمر ناريجو، ناسر احمد ناريجو، عبدالقيوم ناريجو ۽ ٻين طرفان ڪارنر گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سيد منير حيدر شاھ، ملڪ چنگيز خان، سيده ڪھڪشا شاھ، مھيش گفتا، شاھنواز برفت، ارشاد بروھي، محمد اسحاق لاشاري، شفيق راجپر ۽ شيخ عبدالله ڪوھستاني سميت وڏي انگ ۾ سوسائٽي جي رھواسين شرڪت ڪئي،ان موقعي تي ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي سيد منير حيدر شاھ چيو ته ھن تڪ پ پ اميدوار پنهنجي جاھلانا انداز ۾ تقريرون ڪري ووٽرن سان مخاطب ٿيندو رھي ٿو، ھي ان ووٽرن کي اھو نٿو ٻڌائي ته انسان جا بنيادي حق ڪھڙا آهن، انساني زندگيء جي جياپي لاءِ تعليم، صحت ۽ امن امان بنيادي حق آهن جيڪي پ پ حڪمران15 سالن کان عوام کي ناھن مھيا ڪري سگھيا، ھن چيو ته سنڌ جو ماڻھون ھاڻي سجاڳ ٿي چڪو آهي ھاڻي ھر ھنڌ پ پ جي ڀوتارن رستا روڪ ڪن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.