بلوچستان جو وجود خطري ۾ آهي، انگريز حڪمرانن به اسان جا ٻار لاپتا نه ڪيا: اختر مينگل

چاغي(م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته بلوچستان جي نوجوانن ۽ عوام کي لاوارث قرار  ڏنو ويو آهي، بلوچستان خطري طرف وڃي رهيو آهي، حڪومت پنهنجي رياستي مشينري سان بلوچستان جا وسيلا ٻنهي هٿن سان لٽي رهي آهي،دالبندين ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته سي پيڪ جي صورت ۾ سينڊڪ، گوادر، سوئي ۽ گوادر کي ٻنهي هٿن سان لٽيو ويو آهي، هاڻي بلوچ ۽ بلوچ قوم جو وجود خطري ۾ آهي، بلوچستان جي عوام جي عزت خطري ۾ آهي،هن چيو ته ڪو به اهڙو ڏينهن نه گذرندو آهي جنهن ۾ ڪنهن پيءُ جو پٽ گم نه ٿئي ۽ عيد جي ڏينهن تي لاش تحفي طور موڪليا وڃن ٿا، بلوچستان جا ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ گم ڪيلن آهن،، انگريزن اسان تي سؤ سال حڪومت ڪئي، اسان سان جنگيون وڙهيون ويون پر اسان جا ٻار غائب نه ٿيا،هن چيو ته اسان کي پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪرڻ تي ڪڏهن اسان کي غدار چون ٿا ۽ ڪڏهن چون ٿا ته  تون مسلمان ناهين. هن وڌيڪ چيو ته اسان جا ٻار، عورتون ۽ بزرگ پنهنجن پيارن لاءِ اسلام آباد پهتا پر کين تشدد جو نشانو بڻايو ويو، رات جو مٿن ٿڌو پاڻي اڇلايو ويو، هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان نيشنل پارٽي لاپتا ۽ جبري گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ نه رڳو هر فورم تي آواز اٿاريو آهي پر هميشه بلوچ قوم سان گڏ روڊن تي بيٺي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي آئين سيکارڻ وارا پاڻ ئي آئين کي پائمال ڪري رهيا آهن. اسان جي نوجوانن جيڪڏهن ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته توهان وٽ پوليس اسٽيشنون ۽ عدالتون آهن، توهان جو آئيني طريقو اهو آهي ته انهن کي ٿاڻي ۾ بند ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.