اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مهانگائي سٽيل عوام مٿان ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 11 رپين تائين واڌ جو امڪان آهي.
نگران حڪومت عالمي منڊي ۾ تيل جا اگهه وڌڻ بعد پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 8 کان 11 رپيا في ليٽر واڌ ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 کان 7 رپيا اضافو، جڏهن ته گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ آئل جي قيمت 16 جنوري کان 3 ڊالر في بيرل وڌي 83 ڊالر في بيرل ٿي وئي هئي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت گهٽ ٿي 78 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 97 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي.
You might also like