اسان جي چونڊ مهم مخالفن جا سيءَ ۾ پگهر ڪڍي ڇڏيا:راشد محمود

پنوعاقل(رپورٽ: رستم انڍڙ) پني عاقل ۾ جي يو آءِ جو پاور شو، جلسي کي خطاب ڪندي راشد محمود سومرو چيو ته سکر ضلعي ۾  پ پ کي ٽف ٽائيم ڏينداسين، سنڌ  ۾ اسان جي اليڪشن مهم مخالفن جا جنوري جي سيءَ ۾ پگهر ڪڍي ڇڏيا آهن،اسان کي ڊيڄارڻ وارا احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا، اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ يا ڪيس داخل ڪرڻ وارا اهڙيون ڌمڪيون نه ڏين، سموري سنڌ ۾ ووٽ نه ڏيندڙن کي ڌمڪيون ملن پيون، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو پنهنجي خريديل ماڻهن کي ڌمڪيون ڏيڻ کان روڪين،جلسي کي جي يو آءِ جي اين اي 201 لاءِ اميدوار مولانا محمد صالح انڍڙ ۽ پي ايس 22 جي اميدوار مير مبين بلو ، مولانا غلام الله هاليجوي، علامه اظهر الحسيني، امداد گوهر بلو ۽ ٻين خطاب ڪيو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.