سنڌ جي تقدير تير جو نشان تبديل ڪري سگهي ٿو:مراد علي شاهه

سن(رپورٽ:ساگر سولنگي) چونڊ مهم جي سلسلي ۾ پ پ تعلقه مانجهند جي جنرل سيڪريٽري ڪمال خان ڇڇر جي ميزباني هيٺ  شالماڻي جي مک اسٽاپ تي  وڏو سياسي جلسو منعقد ڪيو ويو ،ڪمال خان ڇڇر  عوام جي بينادي مسئلن بابت آواز  اٿاريندي مطالبو ڪيو روڊ حادثن ۾ ھزارين ماڻهو پنهنجيون قيمتي جانيون وڃائي رهيا آهن ان جي ڪري تعلقي مانجهند جي ڪنهن به شهر ڳوٺ ۾  جلد کان جلد ٽراما سينٽر قائم ڪيو وڃي  ۽ عوام جا بينادي مسئلا روڊ رستا پيئڻ جو پاڻي صحت جون سهولتون ڏنيون وڃن،اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي تقدير تير جو نشان تبديل ڪري سگهي ٿو،پيپلزپارٽي پنهنجي دوري حڪومت ۾ پوري سنڌ جيان مانجهند تعلقي ۾ تمام گهڻا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن هن وقت تعلقي ۾ گئس ناهي اها تعلقي جي ماڻهن کي تڏهن ملندي جڏهن وزير اعظم بلاول ڀٽو ٿيندو مراد علي شاھ جلسي ۾ اعتراف ڪيو ته مان جيڪو وقت حڪومت ۾ رهيس عوام جي خدمت ڪئي ان جي باوجود به اليڪشن واري ڏينهن 50 سيڪڙو ووٽ ڪاسٽ ٿئي ٿو جنهن جي ڪري وڏي تڪليف ٿئي ٿي ۔اسان اهي انگ اکر کڻي اڳتي وڃون ٿا ته وفاقي حڪومت اسان جي نه ٿي ٻڌي جنهن جي ڪري ترقياتي ڪم نه ٿا ٿين جڏهن اسان کي پورا ووٽ ملندا ته اسان تعلقي کي ترقي ڏيارينداسين،  جلسي کي ملڪ اسد سڪندر ۔ اڳوڻي ايم اين اي سڪندر راهپوٽي ۔ سيد احمد شاھ ڪاظمي ۔ ۽ ٻين پڻ  خطاب ڪيو ۔ جڏهن مختلف برادرين جي ماڻهن سيد مراد علي شاھ تي اعتماد ڪندي ايس يو پي کي الوداع ڪري پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.