سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي کي 10، 10 سال پورهئي ٽيپ جي سزا ٻڌائي آھي.ٻڌڻي جي شروعات تي جوابدارن اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير کي قلم 342 جو سوال نامو ڏنو. جنهن تي پي ٽي آءِ باني 342 تحت پنهنجو بيان عدالت ۾ رڪارڊ ڪرايو.پي ٽي آءِ باني جو بيان مڪمل ٿيڻ بعد عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان کان سولو سوال آهي، تھ سائفر ڪٿي آهي؟ پي ٽي آءِ باني جواب ڏنو، ته مان اهو ئي بيان ۾ چيو آهي ته مون کي خبر ناهي، سائفر منهنجي آفيس ۾ هو.ان موقعي تي جج ٻنهي جا نالا وٺي چيو ته، مون ڏانهن ڏسو، مان اوهان کي 10، 10 سال قيد جي سزا ٻڌايان ٿو.فيصلو ٻڌائڻ بعد جج ابو الحسنات محمد ذوالقرنين عدالت مان اٿي هليو ويو، جڏهن ته فيصلي بعد شاهه محمود قريشي احتجاج ڪندي چيو ته منهنجو ته اڃا بيان ئي رڪارڊ ناهي ٿيو.
اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير کي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي جج ابو الحسنات محمد ذوالقرنين جوابدارن جي موجودگي ۾ عدالت ۾ مختصر فيصلو جاري ڪندي سزا ٻڌائي.تحريڪ انصاف جي باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سائفر ڪيس ۾ سزا چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.تحريڪ انصاف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ وائيس چيئرمين جي سزائن کي رد ڪندي ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف اعليٰ عدليا سان رابطو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.تحريڪ انصاف جي ترجمان رئوف حسن هڪ بيان ۾ چيو ته عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ ڪارڪن پرامن رهندا، هر ناانصافي جو بدلو ووٽ سان وٺنداسين.
سائفر ڇا ھوندو آھي ؟ سائفر ڪنهن به اهم ۽ حساس پيغام کي مخصوص ڪوڊ ۾ لکڻ جو هڪ ڳجهو طريقو آهي.جنهن ۾ سادي ٻولي بدران ڪوڊ ٿيل ٻولي استعمال ڪئي ويندي آهي.هڪ عام سفارتي ٽپال يا خط جي بدران سائفر ڪوڊ ٿيل ٻولي ۾ لکيو ويندو آهي.اھڙي ڪوڊ لينگويج ۾ سائفر لکڻ ۽ ان جي ڊيڪوڊنگ ڪرڻ ڪنهن عام ماڻهوءَ جي وس جي ڳالهه ناهي، ان کي رڳو لاڳاپيل شعبي جا ماهر ڊيڪوڊ ڪري سگهن ٿا.ان مقصد لاءِ پاڪستان جي پرڏيهي آفيس ۾ 100 کان وڌيڪ گريڊ 16 جا آفيسر مقرر ٿيل آهن، جن کي ’سائيفر اسسٽنٽ‘ چيو وڃي ٿو.اهي سائفر اسسٽنٽ ٻاهرين ملڪن ۾ پاڪستان جي سفارتخانن ۾ به مقرر ٿيل ھوندا آهن. جيتوڻيڪ ھن ڪيس ۾ سزا مليل جوابدارن کي ڪيس کي چئليج ڪرڻ جو موقعو آھي پر،جيڪڏھن چونڊن جي پس منظر ۾ ڏسجي تھ وقت بلڪل گھٽ آھي.جنھن ڪري اھو گھڻو ڏکيو ٿي سگھي ٿو.جنھن ڪري عمران خان ۽ شاھ محمود قريشي جي چونڊن ۾ حصي وٽڻ جو موقعو شايد نھ رھي.
ملڪ ۾ اڳي بھ اھو تاثر موجود آھي تھ ڪجھه ڌرين کي چونڊن جي ميدان کان ٻاھر ڪرڻ جي رٿ تي عمل ٿي رھيو آھي.جنھن ڪري ھن وقت ڪي مبصر ان خيال جا بھ آھن تھ اھو ڪجھه خاص سياسي ڌرين کي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، ھاڻوڪي عدالتي فيصلي سان بھ اھو تاثر وڌيڪ پختو ٿيندو،جنھن جو ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي نتيجن تي ڪو مثت اثر نھ پوندو.
سنڌ جي پاڻي تي ڳجھي نموني ڌاڙي جي ڪوشش
ارسا پاران پنجاب کي چولستان لاءِ پاڻي کڻڻ جي اجازت ڏيڻ تي سنڌ سخت احتجاج ڪيو آهي. ارسا پاران پنجاب کي چولستان لاءِ پاڻي کڻڻ جي اجازت ڏيڻ تي سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر نگران وزيراعظم کي خط لکي ڇڏيو.
نگران وڏي وزير سنڌ چيو آهي ته ارسا 17 جنوري 2024 تي پاڻي بابت رپورٽ جاري ڪئي هئي، اسلام آباد ۾ پنجاب جي آبپاشي کاتي ننڍي چولستان ۾ زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڻي جو اين او سي جاري ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، ڪينال منصوبي ذريعي پاڻي جي منتقلي جي تجويز ڏني وئي هئي. سليمانڪي هيڊ ورڪس کان بهاولنگر ۽ بهاولپور ضلعن جي فيڊ ايرياز کي بند ڪرڻ لاءِ فيڊر چينل جي تعمير، ڪل ڪمانڊ ايريا 696,651 ايڪڙ آهي ۽ پوکي لائق ڪمانڊ ايريا 610,237 ايڪڙ آهي.
موجوده ڪئنال سسٽم، پنجاب 2007ع دوران 37.07ملين ايڪڙ فوٽ جي پاڻي جي معاهدي جي ڀيٽ ۾ خريف دوران 37.7 ملين ايڪڙ فوٽ وڌيڪ استعمال ڪري ٿو. خط ۾ چيو ويو آهي ته واٽر اڪارڊ جي پيرا 4 موجب پاڻي جي دستيابي جو اندازو ان وقت تائين نٿو لڳائي سگهجي،جيستائين ڪوٽڙي بئراج هيٺ پاڻي کي معاهدي جي پيرا 7 موجب حتمي شڪل نه ڏني وڃي، ان ڪري واٽر اڪارڊ 1991ع تحت پاڻي فراهم نه ٿو ڪري سگهجي. پيرا 4، پنجاب حڪومت جي تجويز ڪيل منصوبي لاءِ پيش ڪيل 1976-2022 سالن دوران ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻيءَ جي دستيابي اوسط 27.091 ملين ايڪڙ فوٽ جو اشارو آهي.
نگران وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن 2000ع کان 2022ع تائين جي گذريل 22 سالن جي ڊيٽا تي نظر وجهون ته ڪوٽڙي بئراج مان سمنڊ جي وهڪري مان پاڻي ڇڏڻ جي سراسري شرح گهٽجي 14.02 ملين ايڪڙ فوٽ ٿي وئي آهي، جنهن ذريعي اڀرندي درياهن تي پاڻي جي منصوبن کي ترقي ڏني وئي آهي. موسمياتي تبديليءَ جا ناڪاري اثر ڀارت سان جاري رهندا، نگران وڏي وزير سنڌ چيو آهي ته ارسا پاران اين او سي جاري ڪرڻ سنڌ جي پاڻي جي حقن کي سنگين خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، مان سنڌ جي عوام کي اپيل ٿو ڪريان ته هن فيصلي کي ايندڙ چونڊن تائين ملتوي ڪيو وڃي. حڪومت اچي، اين او سي جاري ڪرڻ نگران حڪومت جي مينڊيٽ کان ٻاهر آهي، سنڌ جي مفادن کي نقصان رسائڻ وارو ڪو به فيصلو مستقبل ۾ ڪيو ويندو، اهو حڪومت لاءِ به ڏاڍو ڏکيو هوندو.
سنڌ سان ھر دور ۾ پاڻي ۽ ناڻي جي مد ۾ پنجاب زيادتيءَ ڪندو رھيو آھي.ھن وقت جڏھن ملڪ ۾ نگران سيٽ اپ آھي،تڏھن اھڙن حساس معاملن کي ڳجهھ ڳوھ ۾ ڇيڙڻ جو مطلب تھ ڪي ڌريون ھڪ خاص رٿا تحت سنڌ جي مفادن کي نقصان رسائڻ چاھين ٿيون.جنھن جو منفي اثر پوندو.اھو وفاق جي اتحاد کي بھ نقصان جو ھڪ قدم آھي.سنڌ سان پاڻي جي سلسلي ۾ ڳجھي نموني ڌاڙو ڪنھن بھ ريت قبول نھ ڪيو ويندو.