سوشل ميڊيا بابر اعظم جي همشڪل ڪنوار ڳولي ورتي!

بابر اعظم جي همشڪل ڪنوار ڏسندڙن کي دنگ ڪري ڇڏيو
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جي چهري سان هڪجهڙائي رکندڙ ڪنوار کي ڏسي سندس مداح دنگ رهجي ويا.
سوشل ميڊيا تي هڪ ڪنوار جي تصوير گردش ڪري رهي آهي، جيڪا هو به هو بابر اعظم جهڙي نظر اچي رهي آهي.

Bride who looks like Babar Azam's twin breaks the internet
پهرين خيال ڪيو پئي ويو ته شايد اِهي تصويرون اي آءِ جنريٽڊ آهن پر حقيقت ان جي ابتڙ نڪتي، ڇو ته اِهي ڀارت سان واسطو رکندڙ ناري جي شاديءَ جي جون تصويرون آهن.
ڀارت جي هڪ ميڪ آرٽسٽ طرفان انسٽاگرام پيج ” فادا ميڪ اوور “ تي اپلوڊ ڪيل تصوير ۾ موجود ڪنوار جو نالو سرومي آهي، جڏهن ته اِهي تصوير سندس شادي جي موقعي تي ورتي وئي آهي.
ڄاڻايل تصويرون پهرين جنوري تي پيج تي جاري ڪيون ويون جنهن بعد پوسٽ هٽائي وئي جڏهن ته ڪنوار جي لُڪ جي اسٽوري اڃا تائين اڪائونٽ تي موجود آهي.
سوشل ميڊيا تي موجود ناري جي تصويرن تي واهپيدار دلچسپ تبصرا ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.