پاڪستان ٽيم جو هڪ ئي ڪپتان هجي، نائب ڪپتان جي ضرورت ناهي: شاهد آفريدي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي مشورو ڏنو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ٽنهي فارميٽن جو هڪ ڪپتان مقرر ڪرڻ گهرجي ته جيئن ڪپتاني تي هلندڙ جهيڙو ختم ٿئي.
هڪ بيان ۾ اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان شاهد آفريدي چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو هڪ ڪپتان هجڻ گهرجي، ڪنهن کي نائب ڪپتان بڻائڻ جي ضرورت ناهي، جتي ڪپتان ڪنهن سبب جي بنياد ميچ ۾ نه هجي ته موقعو ڏسي ڪنهن رانديگر کي ڪپتاني جي ذميواري ڏني وڃي.
واضح هن وقت پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتاني شاهين آفريدي وٽ آهي، جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان سندس نائب آهي.
اهڙي طرح قومي ٽيسٽ ٽيم جو ڪپتان شان مسعود آهي جڏهن ته آسٽريليا جي دوري دوران شاهين آفريدي نائب ڪپتان هو.
بابر اعظم جي ڪپتاني تان استعيفيٰ کانپوءِ ون ڊي ٽيم جي ڪپتان جو اڃا تائين اعلان ناهي ڪيو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.