پي ٽي آءِ جو عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سزا چئلينج ڪرڻ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جي سائفر ڪيس ۾ سزا چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
تحريڪ انصاف طرفان جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ وائيس چيئرمين جي سزائن ئي رد ڪندي ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي خلاف اعليٰ عدليا سان رابطو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
تحريڪ انصاف ترجمان رئوف حسن هڪ بيان ۾ چيو ته عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ ڪارڪن پرامن رهندا، هر ناانصافي جو بدلو ووٽ سان وٺنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.