حب (رپورٽ: يار محمد بروهي) بي اين پي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته بي اين پي بلوچستان جي واحد پارٽي آهي جيڪا بلوچن جي عزت ۽ وقار جو تحفظ ڪري رهي آهي، بي اين پي جا اميدوار 8 فيبروري جو انتظار نه ڪن، هاڻي ئي فتح جي تياري شروع ڪن. شهيد اصغر خان مينگل فٽبال اسٽيڊيم ۾ بي اين پي پاران جلسو منعقد ڪيو ويو، جلسي ۾ اختر مينگل سميت ڪارڪنن، اڳواڻن توڙي عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.جلسي کي خطاب ڪندي اختر مينگل چيو ته رياست بي اين پي جو رستو روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، رياست بي اين پي جو رستو روڪڻ لاءِ ڊيٿ اسڪواڊ جي مدد ڪري رهي آهي.گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو بلوچستان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، بلوچ قوم جو دل ڀٽو جي ظلم جي ڪري زخمي آهي.نوشڪي جو عوام ڀٽو جي شهيد مير لونگ خان تي ڪيل ظلمن کي وساري نٿو سگهي، ڀٽو کي زندهه ڏسڻو آهي ته لاڙڪاڻي وڃي ڏسو، زرداري سنڌ تباهه ڪئي، هاڻي بلوچستان جو وارو آهي، هاشم نوتيزئي چيو ته بي اين پي جي 4 ميمبرن قومي اسيمبلي ۾ سڄي بلوچستان لاءِ آواز اٿاريو. بابو مير محمد رحيم مينگل چيو ته سردار اختر مينگل بلوچستان جو واحد قومي اڳواڻ آهي جيڪو بلوچن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. جلسي کي خطاب ڪندي صيبه بلوچ چيو ته بلوچ عورتون به قومي تحريڪ ۾ پنهنجن ڀائرن سان گڏ آهن، صمند بلوچ چيو ته بلوچ شاگردن کي بلوچ قومي تحريڪ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي