راجن پور اسپتال کي ٻئي صوبي جي ڪنهن اسپتال سان ڀيٽيو: شهباز شريف

پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڊي ايڇ ڪيو اسپتال راجن پور جو ٻئي صوبي جي ڪنهن به اسپتال سان ڀيٽ ڪريو، فيصلو ٿي ويندو. راجن پور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف نالو وٺڻ کانسواءِ بلاول ڀٽو جي چيئلنج جو جواب ڏنو. شهباز شريف پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو ته هي ماڻهو 4 سالن تائين جادوگري ۾ مصروف رهيا پر ڪجهه نه ڪيو، هن علائقي جو اڳوڻو وڏو وزير ڏکڻ پنجاب کي لاهور ٺاهي سگهي پيو، پر هن نه ڪيو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ن ليگ راجن پور ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو. شهباز شريف راجن پور ۾ آءِ ٽي يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.