اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اسان جو ٽارگيٽ هميشه پنجاب هو ۽ رهندو، پنجاب ۾ احساس محرومي آهي، ماڻهن کي نظر نه ٿو اچي.خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي آصف زرداري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب ۾ آزاد اميدوارن کانسواءِ سٺا نتيجا ڏيندي، پنجاب ان محرومين جو شڪار آهي جنهن کي ڪير به نٿو ڏسي. هن چيو ته سياست ۾ تنقيد ٿيندي آهي ۽ بلاول ڀٽو نواز مخالف ووٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هن وقت اسان جي لاءِ نه رڳو نواز شريف پر مخالف ووٽن جي ضرورت آهي. آصف زرداري چيو ته تحريڪ انصاف نه ڪا تحريڪ آهي ۽ نه ئي فلسفو پر بدتميزي جو ڊرامو آهي، پراڻا ماڻهو جيڪي پي ٽي آءِ ۾ ويا اهي واپس اچڻ چاهين ٿا، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ٻه وڏيون پارٽيون بڻجي وينديون. اليڪشن کانپوءِ ڪيترائي ماڻهو پيپلز پارٽي ۾ واپس ايندا. اڳوڻي صدر چيو ته شهباز شريف وزيراعظم هو ۽ هو حڪومت هلائي رهيو هو، هو رات جو 10 وڳي سمهي ٿو ۽ 8 وڳي جاڳي ٿو، شهباز کي وزيراعظم بڻايو پر هو لڪير جو فقير آهي آئوٽ آف باڪس نٿو سوچي. سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي عام چونڊن کانپوءِ حڪومت ٺاهي سگهي ٿي، سڄي ملڪ مان سٺيون سيٽون کٽيندي، وزيراعظم ۽ صدارت جا عهدا انگن اکرن تي ٻڌل آهن. هن چيو ته اسان سمورين پارٽين کي چيو هو ته هو اليڪشن جو بائيڪاٽ نه ڪن ۽ اسيمبلي ۾ ويهن، سمورين سياسي پارٽين بي اعتمادي ۾ حصو ورتو، شايد پيپلز پارٽي جو وڌيڪ هو، پارٽي ۽ بلاول جي خواهش هئي ته وزارتن تان استعيفيٰ ڏيون. مان بلاول ڀٽو کي وزيراعظم ڏسڻ چاهيان ٿو ۽ بلاول کي پرڏيهي وزارت جو تجربو کپي پيو. هن چيو ته بلاول عام سياسي قيدين جي ڳالهه ڪري رهيو آهي نه ڪي سزا ٻڌايلن جي. منهنجي حڪومت ۾ ڪو به سياسي قيدي نه هو، منهنجو خيال آهي ته عمرا ن خان سياسي قيدين ۾ شامل ناهي. پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين کي اڃا تائين سزا ناهي ملي، جنهن ڏينهن کيس سزا ٿيندي اها بعد ۾ ڏسنداسين. اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته چونڊن کانپوءِ سياسي بحران گهٽ ٿيندو، چونڊن کانپوءِ سڀني کي ڪم ڪرڻو پوندو، اسان جي ووٽن کانسواءِ ڪو به وزيراعظم نٿو بڻجي سگهي. نواز شريف اسان جي ووٽن کانسواءِ وزيراعظم نٿو بڻجي سگهي، اهڙي طرح بلاول به نواز شريف جي ووٽن کانسواءِ وزيراعظم نٿو بڻجي سگهي، ميان صاحب ۽ سندس پارٽي کي تمام گهڻو فخر آهي. اسان ڳالهيون ٻڌي وٺون ٿا، جيلن ۾ وڃون ٿا ۽ موڪلڻ وارن کي ڪجهه به نه ٿا چئون پر مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي هاڻي گڏ نه هلي سگهندا. هن چيو ته جيڪڏهن نواز شريف کي اڪثريت ملي ته هو حڪومت ٺاهيندو ۽ جيڪڏهن اسان کي اڪثريت ملي ته حڪومت اسان ٺاهينداسين. پي ٽي آءِ باني عمران خان بابت سوال تي آصف زرداري چيو ته اسان ڪڏهن چيو عمران خان سان ڳالهيون ڪنداسين، حڪومت ٺاهڻ لاءِ مولانا، آزاد اميدوارن، جماعت اسلامي ۽ بي اي پي سان ڳالهيون ڪنداسين پر ن ليگ سان حڪومت نه ٺاهينداسين.
اڳوڻي صدر آصف زرداري وڌيڪ چيو ته پنجاب مان وڌيڪ آزاد اميدوار پ پ ۾ شامل ٿي سگهن ٿا.