پي ٽي اي، پي ٽي آءِ جي ويب سائٽ بند ڪري ڇڏي: بابر اعواڻ

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي اي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ويب سائيٽ بند  ڪري ڇڏي، بابر اعواڻ سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ان بندش جو به نوٽيس ورتو وڃي، پي ٽي آءِ جو جيل ٽرائل اقوام متحده جي انساني حقن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي آهي، سپريم ڪورٽ وانگر باني پي ٽي آءِ جو جيل ٽرائل به پبلڪ ڪيو وڃي، صرف شاهدي قلم بند ڪرڻ وقت پي ٽي آءِ کي عدالت ۾ آندو ويندو آهي،

هن جي ڪيس ۾ انصاف جو قتل ٿي رهيو آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته نواز شريف ملڪ نه صرف پنهنجو ڪاروبار سنڀالي سگهي ٿو، هن جي وزيراعظم بڻجڻ جو ڪو به چانس ناهي.

بلاول بحث جي دعوت شهباز  کي نه پر نواز شريف کي ڏني آهي: فيصل ڪريم

ڊي آءِ خان ( م ڊ )پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته  بلاول ڀٽو شهباز شريف کي نه پر مسلم ليگ ن جي قائد کي بحث جي دعوت ڏني آهي. ڊيرا اسماعيل خان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته بلاول ڀٽو اڄ ڊي آءِ خان ۾ تاريخي جلسو ڪندو. هن چيو ته ڊي آءِ خان ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي ۾ ٻاهران کان به وڌيڪ ماڻهو موجود هئا، 9 مئي جي ڪيسن جي فيصلي تائين عمران خان سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن.پ پ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو پاران ن ليگ اڳواڻن تي تنقيد تمام هاڪاري آهي، پ پ چيئرمين نواز شريف کي بحث جي دعوت ڏني آهي.هن چيو ته بلاول ڀٽو شهباز شريف کي نه پر مسلم ليگ ن جي سربراهه کي بحث جي دعوت ڏني آهي، جيڪڏهن شهباز شريف وزارت عظميٰ جو اميدوار آهي ته بحث لاءِ تيار آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.