جپان جو چنڊ تي موجود مشن معجزاڻي طور وري ” زنده “ ٿي ويو

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ ) جپان جو چنڊ تي پهچندڙ پهريون مشن معجزاڻي طور هڪ ڀيرو وري ” زنده “ ٿي ويو آهي.
جپان ايرو اسپيس ايڪسپلوريشن ايجنسي ( جي اي ايڪس اي ) طرفان جاري ڪيل بيان موجب، سمارٽ لينڊز فار انويسٽي گيٽنگ مون ( سلم) مشن جو لينڊر هڪ ڀيرو وري ڪم ڪرڻ لڳو آهي.
واضح رهي ته لينڊر چنڊ تي غلط طريقي سان لينڊ ڪيو هو جنهن کانپوءِ سولر پئنلز بجلي پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويا هئا، جنهن سبب لينڊر سان رابطو ڪٽجي ويو هو.
جپاني مشن ويهه جنوريءَ تي چنڊ تي پن پوائنٽ لينڊنگ ڪئي هئي.
هن مشن جو بنيادي مقصد چونڊيل لينڊنگ واري هنڌ جي سئو ميٽرن جي اندر پن پوائنٽ لينڊنگ جي صلاحيت جو اظهار ڪرڻ هو.
پر لينڊنگ جي آخري مرحلي ۾ لينڊر جي ٻن مان هڪ انجڻ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو جنهن سبب هن مٿي ڀر لينڊ ڪيو.
پنجويهه جنوري تي جپاني خلائي اداري ٻڌايو ته جيتوڻيڪ اِهو مشن ڪامياب رهيو پر ان جا سولر پئنل بجلي پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا.
هاڻ جپاني اداري جو چوڻ آهي ته 28 جنوري جي رات اسان کي مشن سان رابطو بحال ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملي ۽ فوري طور ملٽي هينڊ ڪئمرا ذريعي سائنسي مشاهدو شروع ڪيو ويو.
جپاني اداري طرفان لينڊر ذريعي ورتل هڪ تصوير پڻ شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ چنڊ جي سطح نظر اچي رهي آهي.


ياد رهي ته جپاني مشن گذريل سال سپٽيمبر ۾ چنڊ ڏانهن روانو ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.