لاهور (ويب ڊيسڪ) بنا هيلمٽ جي موٽر سائيڪل هلائيندڙن کي ٽريس ڪرڻ لاءِ سافٽ ويئر تيار ڪيو ويو آهي، سافٽ ويئر جي مدد سان بنا هيلمٽ موٽر سائيڪل هلائيندڙن کي پڪڙيو ويندو.
بنا هيلمٽ جي موٽر سائيڪل سوار هاڻ نه بچي سگهندا، ڇو ته انهن کي ٽريس ڪرڻ لاءِ سافٽ ويئر تيار ڪيو ويو آهي.
پنجاب ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪنالاجي ذريعي ٽريفڪ قانونن تي عمل يقيني بڻائڻ لاءِ قدم جاري آهن ۽ هاڻ ان ئي سلسلي ۾ پنجاب سيف سٽي اٿارٽي سي سي ٽي وي ڪئميرا جي مدد سان بنا هيلمٽ موٽر سائيڪل سوارن جي نشاندهي ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي.
ان پراجيڪٽ ۾ هڪ سافٽ ويئر جي مدد سان بنا هيلمٽ موٽر سائيڪل هلائيندڙن کي پڪڙيو ويندو ۽ پوءِ انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي.
You might also like