منظور وساڻ، بلاول جي وزيراعظم ٿيڻ جو خواب ڏسي ورتو

خيرپور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ آزاد اميدوار ڪامياب ٿي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو خواب ڏسي ورتو.
صحافين سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته مان خواب ڏٺو آهي ته آزاد اميدوار چونڊون کٽي پ پ ۾ ايندا.
هن چيو ته پ پ سنڌ مان ڪلين سوئيپ ڪندي، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ پ پ کوڙ سيٽون کڻندي، آزاد اميدوار گڏائي پ پ کي اڪثريت ٿيندي ۽ بلاول ئي وزيراعظم ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته نواز شريف وزيراعظم لاءِ مريم نواز جو نالو ڏئي سگهي ٿو، جڏهن ته مريم نواز جي نالي تي ن ليگ ۾ اختلاف ٿيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.