پهرين فيبروري کان پيٽرول ڪيترو مهانگو ٿيندو؟ اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوام لاءِ بري خبر آهي ته پهرين فيبروري کان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو امڪان آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچو تيل مهانگو ٿيڻ سبب پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي.
آئل انڊسٽري ذريعن جو چوڻ آهي ته هڪ ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 10 رپين تائين واڌ ۽ هڪ ليٽر هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 50 پئسا تائين واڌ جي تجويز آهي.
ذريعن موجب ٻن هفتن ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچو تيل 6.50 سيڪڙو مهانگو ٿيو آهي.
آئل انڊسٽري ذريعن جو چوڻ آهي ته لنڊن برينٽ آئل 78.29 ڊالر مان وڌي 83.35 ڊالر في بيرل تي پهچي ويو، جڏهن ته آمريڪي ڪچو تيل 73.25 ڊالر مان وڌي 78.40 ڊالر في بيرل ٿي ويو آهي.
پيٽروليم شين جي نون اگهن جو اعلان 31 جنوري تي ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.