ٿورو سوچيو ته اوهان ڪنهن طبي مرڪز وڃو ۽ اتي هڪ ڊاڪٽر بدران مصنوعي( اي آءِ ) سافٽ ويئر اوهان جو معائنو ڪري ته ڪيئن محسوس ڪندا؟ يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو پر ويجهي مستقبل ۾ اوهان جو معائنو هڪ ” اي آءِ “ ڊاڪٽر ڪندو.
جي ها واقعي گوگل طرفان اي آءِ ڊاڪٽر جي تياري تي ڪم جاري آهي جيڪو بيمارين جي سڃاڻپ/تصديق ۾ مدد فراهم ڪندو.
چيٽ جي پي ٽي جهڙي لارج لينگوئج ماڊلز کي طبي دنيا ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ ان کي نظر ۾ رکندي گوگل ڊيپ مائنڊ طرفان ان تي ڪم ڪيو پيو وڃي.
گوگل ڊيپ مائنڊ جي ٽيم آرٽيفيشل ميڊيڪل انٽيليجنس ايڪسپلورر ( اي ايم آءِ اي ) نالي هڪ اهڙو اي آءِ ماڊل تيار ڪيو آهي جيڪو ڪنهن ڊاڪٽر جيان بيمارين جي تشخيص ڪري سگهندو.
ان بابت هڪ تحقيقي مقابلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اي آءِ ايم اي مريضن جا تفصيل حاصل ڪري اِها وضاحت ڪندو ته سندن بيماري ڪهڙي مرحلي تي آهي.
اِهو اي آءِ ماڊل حقيقي ڊاڪٽرن جو متبادل نه هوندو پر ڪمپني موجب اِهو سسٽم طبي ماهرن جي مدد ڪندو.
گوگل پراميد آهي ته اي ايم آءِ اي ذريعي ڊاڪٽرن کي سولائي ٿيندي ۽ کين مريضن وٽ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي.
فلحال ماڊل تي ڪم جاري آهي انڪري اِهو ڏسڻو پوندو ته حقيقي دنيا ۾ اِهو ڪيتري حد تائين درست ڪم ڪرڻ جي قابل آهي.
You might also like