پاڪستاني پورهيتن جي قتل جي مذمت، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري وٺنداسين: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران پنهنجي زمين تي 9 پاڪستان پورهيتن جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي خاطري ڪرائي آهي ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ امن دشمن کي روڪينداسين.
ايراني ميڊيا موجب ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان سراوان ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويل پورهيتن جي وارثن ۽ پاڪستاني عوام سان تعزيت ڪئي آهي.
پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو اهي ته ملڪ جي ڳجهين ايجنسين ۽ جاچ ادارن واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. حملو ڪندڙن جو انگ 3 هو کين ڳولي قانون جي ڪٽڙي ۾ آندو ويندو.
ايراني ترجمان ٻڌايو ته زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون ملن پيون هنن کان حملو ڪندڙن جا تفصيل ورتا آهن.
ٻي پاسي سيستان بلوچستان صوبي جي گورنر واقعي تي چيو آهي ته پوليس افسوس جوڳي واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪري پئي ۽ جلد جوابدارن تائين پهچي وينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.