سب رجسٽرار جي ڀرتي جو عمل هاڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تحت ٿيندو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر فيصلو ڪيو آهي ته سب رجسٽرار جي ڀرتي جو عمل هاڻ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تحت ٿيندو.
جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته سب رجسٽرار جو گريڊ 15 آهي، اها اهم پوسٽ آهي، سب رجسٽرار کي ڪميشن ذريعي ڀرتي ڪرڻ سان ادارن ۾ بهتري ايندي.
هن چيو ته سب رجسٽرار ملڪيت جي رجسٽري ڪندو آهي، ڪرپشن جو خاتمو تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن ڀرتيون ميرٽ تي ٿين.
سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت روينيو کاتي کي عوام جي سهولت لاءِ ڊجيٽل ڪري ڇڏيو آهي، روينيو کاتي ۾ سڌارا متعارف ڪرايا پيا و ڃن، جنهن سان ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.