”مان ۽ بلاول توهان جو آواز آهيون، 8 فيبروري تي تير تي ٺپو هڻو“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنهنجي ڀينرن، ڀائرن جي حقن لاءِ سدائين وڙهندا رهنداسين.
ڪراچي جي علائقي لياري ۾ ريلي کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته اسان ڪراچي ۾ صحت جون سهولتون ڏنيون، پيپلز بس ۽ پنڪ بس سروس شروع ڪئي.
هن چيو ته اسان جو منشور عوام دوست آهي، اسان گڏجي ملڪ جي قسمت تبديل ڪنداسين، 8 فيبروري تي تير تي ٺپو هڻو، هاڻ بلاول ۽ مان توهان جو آواز آهيان.
ان کان اڳ لياري پهچڻ تي آصفه ڀٽو زرداري جي شاندار آجيان ڪئي وئي ۽ جيالن پ پ جي حق ۾ نعريبازي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.