مٽياري لاءِ ترقياتي اسڪيمن ۾ مبينا ڪرپشن جو انڪشاف

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد جي ضلعي مٽياري لاءِ رکيل ترقياتي اسڪيمن ۾ وڏي پئماني تي مبينا ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي.
پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ کاتي مٽياري لاءِ رکيل 225 اسڪيمن جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
جاري ڪيل رپورٽ موجب 2012 کان 2023 تائين جي ترقياتي منصوبن مان ڪيترائي منصوبا خراب آهن، ترقياتي اسڪيمن مان 3 اسڪيمون اهڙيون آهن، جن جو وجود ئي ناهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2013 کان 2013 جي ترقياتي منصوبن مان 9 اسڪيمن ۾ ايڊوانس رقم ادا ڪئي ئي.
پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ کاتي جي جاري ڪيل رپورٽ موجب مٽياري لاءِ 95 ترقياتي منصوبن جو معيار سٺو ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.