رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ زائرين عمري لاءِ نئين سهولت متعارف ڪرائي ڇڏي آهي جنهن ۾ هر زائر نسڪ پورٽل تي پنهنجو ڌار اڪائونٽ ٺاهي سگھي ٿو.
پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي جي حج ۽ عمري واري وزارت هر زائر کي پنهنجي پاسپورٽ ۽ ويزا نمبر سان نسڪ پورٽل تي پنهنجو ڌار اڪائونٽ ٺاهڻ جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب وزارت جي ايڪس اڪائونٽ تي هڪ واهپيدار پڇيو هو ته هن جي سربراهي ۾ سعودي عرب ايل گھرڀاتين کي نسڪ پورٽل ۾ داخل ناهي ڪرايو ويو ان لاءِ سندن نسڪ اڪائونٽ ۾ رجسٽريشن جو طرقيڪار ڇا هوندو؟
ان سوال جي جواب ۾ وزارت جو چوڻ هو ته هر شخص نسڪ پورٽل تي پنهنجو اڪائونٽ پاڻ ٺاهي سگھي ٿو. ان لاءِ پاسپورٽ ۽ ويزا نمبر فيڊ ڪيو ويندو جنهن سان هر شخص جو جدا اڪائونٽ بڻايو ويندو.
You might also like