انگلينڊ جي شاندار واپسي، حيدرآباد ٽيسٽ ۾ ڀارت کي شڪست

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ 5 ميچن جي سيريز پهرين ميچ ۾ ڀارت کي 28 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
حيدرآباد ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن 231 رنسن جي هدف جي جواب ۾ ميزبان ڀارتي ٽيم 202 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ائين انگلينڊ پهرين اننگز ۾ وڏي خساري باوجود ميچ 28 رنسن تان کٽي ورتي.
انگلش اسپنر ٽام هارٽلي ٻي اننگز ۾ بهترين بالنگ ڪندي 7 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ٻي اننگز ۾ ڀارت طرفان ڪپتان روهت شرما 39 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو.
واضح رهي ته انگلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 246 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي، جڏهن ته ڀارت پهرين اننگز ۾ 436 رنسون ٺاهيون.
انگلينڊ ٻي اننگز ۾ 420 رنسون ٺاهي ڀارت کي ڪاميابي لاءِ 231 رنسن جو هدف ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.