اداڪارا مشي خان جي راحت فتح علي خان تي سخت تنقيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا مشي خان گلوڪار راحت فتح علي خان جي وائرل ٿيل وڊيو تي کيس تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

سوشل ميڊيا تي راحت فتح علي خان جي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هو پنهنجي ملازم کي دم ٿيل پاڻي جي بوتل گم ٿيڻ تي بيدردي سان تشدد جو نشانو بڻائي رهيو آهي.

اها وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ اداڪارا مشي خان انسٽاگرام تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هن راحت فتح علي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

اداڪارا چيو ته راحت فتح علي خان صاحب اوهان مشهور گلوڪار آهيو، اوهان وٽ اڻڳڻيو پئسو آهي ۽ اوهان جي بوتل جيڪا مون کي لڳي ٿو ته ماکئيءَ جي بوتل آهي جنهن جي پٺيان اوهان پنهنجي اسٽاف کي جانورن جيان ماري رهيا آهيو.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Mishi Khan MK (@mishikhanofficial2)

اداڪارا چيو ته اوهان کي شرم نٿو اچي، اوهان اهڙيو ڪِريل حرڪتون ڪندا آهيو، اوهان وٽ ايترو پئسو آهي جو اوهان هڪ گم ٿيل بوتل بدران ماکي جي بوتلن جا 10 ڪريٽ خريد ڪري سگھو ٿا، اوهان هڪ بوتل لاءِ ائين ڪري رهيا آهيو، اها دل آهي اوهان جي، اوهان ڪيئن ڪنهن جي انساني بنيادن تي مدد ڪندا هوندا؟

اداڪارا وڌيڪ چيو ته الله اوهان کي ايتري عزت ڏني آهي اُها اوهان کان نٿي سنڀالجي سگھي، اوهان جو ڪو نه ڪو چڪر سامهون ايندو رهندو آهي ۽ ان وڊيو کي ڏسي ته آئون دنگ رهجي وئي آهيان، اوهان ايترا ظالم آهيو، شرم اچڻ گھرجي اوهان کي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.