بلوچستان ۾ هٿيار کڻندڙن کي سمجهايو تو توهان جي بقا جمهوريت ۾ آهي: آصف زرداري

حب (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته جيڪي هٿيار کڻندا آهن، انهن کي سمجهايو ته توهان جي بقا جمهوريت ۾ آهي.
حب ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته حب ڪراچي کان هڪ ڪلاڪ جي فاصلي تي آهي، حب ۾ به اسپتال هجڻ گهرجي، پاڻي جي سهولت ۽ يونيورسٽيون هجڻ گهرجن، حب کي به ڪراچي جهڙو هجڻ گهرجي.
هن چيو ته جيڪي هٿيار کڻندا آهن ۽ ڀٽڪيل آهن، انهن دوستن کي سمجهايو ته توهان جي بقا جمهوريت ۾ آهي، اسلام آباد وارا پاڪستان کي سمجهڻ لاءِ تيار ناهن، هر ڪو سمجهي ٿو ته اهو ملڪ جي مسئلن جو حل ڄاڻي ٿو پر پاڪستان جي مسئلن جو حل رڳو سياسي قوتون ڄاڻين ٿيون.
سندس چوڻ هو ته مان ماڻهن کي جيلن مان ڇڏايو ۽ ڪوشش ڪئي ته اهي اسان سان دوستي ڪن ۽ پاڪستان کي پنهنجو ملڪ سمجهي واپس اچن ۽ مان سمجهان ٿو ته اڄ به ان تي ڪم ڪرڻ ۽ دوستن کي واپس آڻڻ ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.