پوجا ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي نوجوان کي ڪپڙن کان آجو ڪري بدترين تشدد

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت نوجوان کي هاسٽل ۾ ٿيل پوجا ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي بدترين سزا ڏني وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو ڀارتي رياست ڪرناٽڪا ۾ پيش آيو جتي اين وي ڪاليج جي شاگرد هڪ سرڪاري هااسٽل ۾ رهيل هو.
ميڊيا جي رپورٽن موجب سائنس شعبي جي 19 ورهين جي شاگرد آچر ڏهاڙي هاسٽل ۾ ٿيل پوجا ۾ پنهنجي ذاتي ڪم سبب شرڪت نه ڪئي جنهن تي هاسٽل جي ٻين شاگردن کيس تشدد جو نشانو بڻايو.
ميڊيا رپورٽس موجب ڳالهه رڳو تشدد تي ختم نه ٿي پر نوجوان کي اڌ اگھاڙو ڪري هن کان روڊ تي پريڊ به ڪرائي وئي جنهن تي نوجوان جي پيءُ پوليس کي شڪايت داخل ڪرائي.
متاثر شاگرد جي پيءُ پوليس کي ٻڌايو ته هاسٽل ۾ پوجا رکي وئي هئي جنهن ۾ نوجوان شرڪت نه ڪئي هئي جنهن تي کيس اڌ اگھاڙو ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.