نيرن نه ڪرڻ جا 3 وڏا ناڪاري اثر

روز جي مصروفيتن سبب ۾ گھڻا ماڻهو نيرن ناهن ڪندا پر تحقيقي رپورٽس مان ثابت ٿيو آهي ته نيرن توقع کان وڌيڪ نقصانڪار ثابت ٿي سگھي ٿو.

دنيا جا ڪجهه خطا اهڙا آهن جتي ماڻهن جي سراسري عمر ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندي آهي.

انهن خطن لاءِ بلو زون جي اصطلاع استعمال ٿيندي آهي ۽ اتي رهندڙن تي ڊگھي عرصي کان تحقيق ڪندڙن ماهرن موجب نيرن ڏينهن جي سڀ کان اهم غذا آهي.

هنن ٻڌايو ته نيرن سان جسم کي ڏينهن جي شروعات تي توانائي ملندي آهي ۽ اوهان وٽ موقعو هوندو آهي ته بهترين غذائن سان جسم کي ڏينهن جي شروعات ڪرڻ ڏيو.

نيرن نه ڪرڻ سان صحت تي پوندڙ 3 ناڪاري اثر هيٺ بيان ڪجن ٿا.

ڌيان ڏيڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي

نيرن سان اسان جي دماغ کي ڏينهن جي شروعات تي ڪم ڪرڻ لاءِ ضروري توانائي ملندي آهي.

ان جي ڀيٽ ۾ نيرن نه ڪرڻ سان دماغ تي ناڪاري اثر پوندا آهن ۽ ذهن لاءِ ڪم ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي.

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو اهي ته جيڪي ماڻهو نيرن نه ڪندا آهن يا صحت لاءِ نقصانڪار خوراڪ سان ڏينهن جي شروعات ڪندا آهن، اهي سڄو ڏينهن ناقص دماغي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا آهن.

اهڙا ماڻهن لاءِ پنهنجن ڪمن تي ڌيان ڏيڻ ڏکيو هوندو آهي.

دٻاءَ کي منهن ڏيڻ

نيرن نه ڪرڻ سان دٻاءُ وڌائيندڙ هارمون ڪورٽيسول رڳو جذباتي دٻاءَ تي ئي ردعمل ظاهر ڪندو پر جسماني دٻاءَ جي ردعمل کي به تبديل ڪري ڇڏيندو آهي.

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو آهي ته نيرن نه ڪرڻ سان صبح جي وقت ڪورٽيسول جي سطح وڌي ويندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ کائڻ جي طلب وڌي ويندي آهي جڏهن ته دماغي ۽ جسماني دٻاءَ ۾ اضافو ٿيندو آهي.

مزاج ۽ ننڊ به متاثر ٿيندي آهي

جيڪڏهن اوهان اڪثر نيرن نه ڪندا آهيو ته ننڊ يا مزاج ٻئي ان عادت سان متاثر ٿيندا آهن.

شاگردن تي ٿيل هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو اهي ته نيرن نه ڪرڻ سان ننڊ جو معيار متاثر ٿيندو آهي ۽ ڊپريشن جي علامتن جو خطرو وڌندو آهي.

اهڙيءَ طرح هڪ ٻي تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو اهي ته نيرن نه ڪرڻ سان ننڊ جي معيار، مزاج ۽ غذائي عادتن ۾ تبديليون اينديون آهن.

جيڪي ماڻهو نيرن ڪندا آهن، انهن جي ننڊ جو معيار بهتر هوندو آهي جڏهن ته صبح جو اٿڻ تي به مزاج خوشگوار هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.