مون سان نه قوم سان ظلم ڪيو ويو، جيڪو برداشت نٿو ڪري سگهان: نواز شريف

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته مان پاڻ سان ٿيل ظلم برداشت ڪندس ۽ ڪري رهيو آهيان پر جيڪو ظلم عوام سان ٿيو، اهو برداشت نٿو ڪري سگهان.
سيالڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته جيڪا ماني 4 رپين ۾ ڇڏي ويو هيس، اها اڄ 25 رپين ۾ ملي رهي آهي، پيٽرول 65 رپيا ليٽر ڇڏي ويو هيس پر اڄ ڏسو، 50 رپين واري کنڊ 150 رپين ۾ ملي رهي آهي.
هن چيو ته قوم تي وڏو ظلم ٿيو، ان جو ذميوار ڪير آهي، ملڪ جي هي حال ڪنهن ڪيو؟ بجلي جا بل مهانگا، گئس اڻلڀ ٿي وئي آهي، بس ڪجهه عوام جي وس کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته 2017 بهتر هو يا هاڻوڪو دور، جن ملڪ سان ظلم ڪيو، انهن کان پڇان ٿو ته ائين ڇو ڪيو ويو، اهو ظلم مون سان نه قوم سان ڪيو ويو.
نواز شريف چيو ته خوشحالي اسان کان پري ٿي وئي آهي پر اها واپس آڻيندس، مون کي توهان جو ساٿ کپي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.