8 فيبروري تي سياسي مخالفن جو جلوس نڪرندو: شهباز شريف

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف چيو آهي ته 8 فيبروري تي مخالفن جو جلوس نڪرندو، نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجي ترقي جو سفر ٻيهر شروع ڪندو.
سيالڪوٽ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي شهباز شريف پ پ چيئرمين تي تنقيد ڪئي ۽ کيس فٽبال ميچ جو ريفري قرار ڏيندي چيو ته هڪ سياسي مهربان ڪڏهن هاري ڪارڊ، ڪڏهن مزدور ڪارڊ ڪڍي ٿو، ائين ٿو لڳي ته ڄڻ ڪو فٽبال ميچ جو ريفري هجي، 8 فيبروري تي عوام جو سمنڊ ان کي يلو ڪارڊ ڏيکاري ميدان کان ٻاهر ڪري ڇڏيندو.
هن چيو اڄ عوامي سمنڊ شاهدي ڏئي رهيو آهي ته 8 فيبروري جو سج ن ليگ جو هوندو، سيالڪوٽ وارن نواز شريف جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي، توهان جي ووٽ سان نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجندو.
سندس چوڻ هو ته اسان جي دور ۾ معيشت ترقي ڪري رهي هئي، 8 فيبروري تي ڌانڌلي کي دفنائڻو آهي ۽ شينهن کي کٽرائڻو آهي، اڄ ملڪ جو نوجوان نواز شريف ڏانهن واجهائي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.