ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي ڪراچي ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ سڀاڻي شام يا اڱاري جي صبح برسات جو امڪان آهي، اولهه سسٽم جي نتيجي ۾ هلڪي ۽ وچولي درجي جي برسات ٿي سگهي ٿي.
سسٽم جو هڪ حصو سنڌ جي ڪوسٽل بيلٽ مٿان گذرندو، جڏهن ته ٻيو حصو ملڪ جي مٿين حصن تي برسات وسائيندو، موجوده سسٽم کانسواءِ هڪ نئون اولهه سلسلو 2 فيبروري تي بلوچستان ۾ داخل ٿيندو.
فيبروري ۾ نئون اولهه سسٽم سنڌ جي وچين۽ مٿين علائقن ۾ برساتن جي صورت ۾ اثر ڏيکاريندو، ايندڙ مهيني داخل ٿيندڙ سسٽم تحت في الحال ڪراچي ۾ برسات جو امڪان ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.