ويسٽ انڊيز 27 ورهين کانپوءِ آسٽريليا کي شڪست ڏئي ڇڏي

برسبين (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز برسبين ٽيسٽ ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ ورلڊ چيمپيئن آسٽريليا کي 8 رنسن تان شڪست ڏئي تاريخ لکي ڇڏي.
ويسٽ انڊيز آسٽريليا خلاف ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي آخري ميچ ۾ سخت مقابلي کانپوءِ 8 رنسن تان ڪاميابي ماڻي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي.
ويسٽ انڊيز طرفان مليل 215 رنسن جي هدف جي جواب ۾ ميزبان آسٽريليا جي سموري ٽيم 207 رنسن تي ڍير ٿي وئي، اسٽيو سمٿ 91 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، ٻين ڪينگروز بيٽرن مان ڪو ويسٽ انڊين بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهيو.
ويسٽ انڊيز جي جوزف پهرين اننگز ۾ ٻه، جڏهن ته ميچ ۾ مجموعي طور تي 9 وڪيٽون حاصل ڪيون، سيريز ۾ ان جي مجموعي وڪيٽن جو انگ 13 رهيو، جنهن تي کيس ميچ ۽ سيريز جو بهترين رانديگر به قرار ڏنو ويو.
واضح رهي ته اها ويسٽ انڊيز جي آسٽريليا خلاف 27 ورهين کان ڪنهن به ٽيسٽ ميچ ۾ پهرين فتح آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.