ڦر دوران خوف ۾ دل بند ٿيڻ سبب عورت فوت

اوڪاڙا (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي شهر اوڪاڙا ۾ ڦر دوران خوف ۾ هڪ عورت دل بند ٿيڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي.
اوڪاڙا جي علائقي جبوڪه روڊ، بستي مول گهر ۾ ڦر جي هڪ واردات دوران خوف ۾ عورت فوت ٿي وئي، ڦورن جي فرار ٿيڻ کانپوءِ گهر ڀاتين عورت کي ڏٺو ته هوءَ فوت ٿي چڪي هئي.
فوتي عورت نواب بي بي جي گهر ڀاتين موجب ڦورو گهر مان زيور ۽ 9 لک رپيا روڪ کڻي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.