سي ٽي ڊي حيدرآباد دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو

حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ ) سي ٽي ڊي حيدرآباد عام چونڊن دوران دهشتگردي جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي.
سي ٽي ڊي ترجمان موجب، ڳجهي اطلاع تي ڄامشوري ۾ ڪارروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم سان واسطو رکندڙ هڪ دهشتگرد کي گرفتار ڪيو جنهن وٽان 6 سئو گرام کان وڌيڪ خطرناڪ بارودي مواد، ڊيٽونيٽر ۽ بال بيئرنگ هٿ ڪيا آهن.
ترجمان موجب، دهشتگردن وٽان رياست مخالف پمفليٽ ۽ بينر پڻ هٿ آيا آهن، هو رياست مخالف سازش تي ڪم ڪري رهيو هو، هن ساٿين سان گڏ چونڊن واري ڏينهن دهشتگردي جو منصوبو جوڙيو هو ، کائنس وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.