عمران خان جا ڪيس ٻڌندڙ جج محمد بشير موڪل جي درخواست رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جا ڪيسز ٻڌندڙ جج جي رٽائرمينٽ تائين موڪل جي درخواست منظور نه ڪئي وئي.
ذريعن موجب، قانون واري وزارت اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي موڪل جي درخواست منظور نه ڪئي، جنهن کانپوءِ جج محمد بشير پاران درخواست منظور نه ڪرڻ تي واپس ورتي وئي.
احتساب عدالت جي جج محمد بشير طبيعت خراب هئڻ سبب 24 جنوري کان 14 مارچ تائين موڪل جي درخواست ڏني هئي.
جج محمد بشير ملازمت جو مدو مڪمل ٿيڻ تي 14 مارچ 2024ع تي رٽائرڊ ٿي رهيو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.