ڪوئيٽا: مسافر وٽان هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪرنسي هٿ

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) ڪوئيٽا کان شارجا ويندڙ مسافر وٽان هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي آهي.
ايف آءِ اي جي ترجمان موجب، ڪرنسي سمگلنگ ۾ ملوث گروهه خلاف ڪريڪ ڊائون جي تسلسل ۾ ڪمرشل بينڪنگ سرڪل ڪوئيٽا ۽ ايف آءِ اي اميگريشن ايئرپورٽ تي ڪارروائي دوران ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪرنسي سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي.
ايف آءِ اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڳجهي اطلاع تي گڏيل ڪارروائي دوران جوابدار جي تلاشي ورتي وئي ته سندس بوٽ ۽ ٿيلهي مان ڪرنسي نڪتي، جنهن کانپوءِ جوابدار عبدالله گل کي ڊيپارچر لائونج مان گرفتار ڪيو ويو.
ترجمان موجب، جوابدار شارجا وڃي رهيو هو، جنهن وٽان مجموعي طور تي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي آهي.
ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار وٽان 21 هزار 510 آسٽريلوي ڊالرز، ڏهه هزار سعودي ريال، چار هزار يورو، 8 هزار 450 سوئس فرنڪ، 855 برطانوي پائونڊ، 1275 يو اي درهم، نيوزيلينڊ ڊالر ۽ ٻين ملڪن جي ڪرنسي هٿ ڪئي وئي آهي.
ايف آءِ اي ترجمان موجب، ايف آءِ اي ڪمرشل بئنڪنگ سرڪل ڪوئيٽا جوابدار کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ٻين جوابدارن جي ملوث هجڻ بابت جاچ جو دائرو به وسيع ڪيو ويو آهي.…

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.