ججز ۽ ادارن خلاف مهم، ايف آءِ اي صحافي ۽ سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) ججز خلاف مهم تي ايف آءِ اي مختلف صحافين ۽ سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ کي طلب ڪري ورتو.
سوشل ميڊيا تي ججز ۽ ادارن خلاف غلط ڄاڻ پکيڙڻ واري معاملي ۾ اڳڀرائي سامهون آئي آهي، ايف آءِ اي سائبر ونگ پاران ججز خلاف منفي مهم هلائڻ تي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.
ايف آءِ اي نوٽيسز ذريعي مختلف صحافين، سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽس کي انڪوائري لاءِ طلب ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل شخصيتن کي 31 جنوري جي صبح 11 وڳي ايف آءِ اي اسلام آباد طلب ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، ايف آءِ اي طرفان غلط ڄاڻ پکيڙڻ تي 65 ڄڻن کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا آهن.
ايف آءِ اي وٽ 115 انڪوائريز رجسٽرڊ ٿيون آهن، انڪوائريز ڪراچي، لاهورر، راولپنڊي، اسلام آباد، پشاور ۾ جاري آهن، صحافين ۽ سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ کي الڳ الڳ شهرن جي آفيسز ۾ طلب ڪيو ويو آهي، نوٽيس انڊر سيڪشن 160 تحت جاري ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.