نيب جو خاتمو، عدالتي سڌارا ۽ پارليامينٽ جي بالادستي، نواز ليگ چونڊ منشور پيش ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ نون اليڪشن 2024ع لاءِ ” پاڪستان کي نوازي ڇڏيو“ جي عنوان سان پنهنجو چونڊ منشور پيش ڪري ڇڏيو.
مسلم ليگ نون جي قائد ميان نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي سيڪريٽريٽ ماڊل ٽائون ۾ تقريب ٿي جنهن ۾ چونڊ منشور پيش ڪيو ويو.
مسلم ليگ نون پنهنجي چونڊ منشور جاري ڪندي چيو ته ننڍن هارين کي بنا وياج قرض فراهم ڪندا، فصل جي نقصان جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندا ۽ سمورين سرڪاري آفيسن کي ماحول دوست بڻايو ويندو، موسمياتي تبديلين جي اثرن کان ملڪ کي محفوظ بڻايو ويندو.


چونڊ منشور ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي ۽ انتظامي سڌارن جي رٿابندي ڪئي ويندي، آئيني سڌارن اِهو به شامل آهي ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو ويندو، عدالتي، قانوني، پنچائت سسٽم ۽ تڪرارن جي حل جو متبادل نظام هوندو، عدالتي، قانوني ۽ انصاف جي نظام ۾ سڌارا آندا ويندا، بروقت ۽ اثرائتو عدالتي نظام لاڳو ڪيو ويندو، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته وڏن ۽ مشڪل ڪيسن جو هڪ سال اندر فيصلو ٿئي.
مسلم ليگ نون پنهنجي چونڊ منشور ۾ چيو ته ننڍن ڪيسن جو ٻن مهينن اندر فيصلو ڪيو وڃي، نيب جو خاتمو ڪيو ويندو، اينٽي ڪرپشن ادارن ۽ ايجنسين کي مضبوط ڪيو ويندو، ضابطه فوجداري 1898ع ۽ 1906ع ۾ ترميم ڪئي ويندي، اثرائتي، منصفاڻي ۽ بروقت پراسيڪيوشن ٿيندي.
نون ليگ پنهنجي چونڊ منشور ۾ چيو آهي ته عدالتي ڪارروائي سڌي ريت ڏيکاري ويندي، ڪمرشل عدالتون قائم ڪيون وينديون، سمنڊ پار پاڪستانين جي عدالتن کي بهتر ۽ مضبوط ڪيو ويندو، عدليا ۾ ڊجيٽل نظام قائم ڪيو ويندو، مالي سال 2025 ع تائين مهانگائي ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي، چئن سالن ۾ مهانگائي 4 کان 6 سيڪڙو تائين آندي ويندي.
چونڊ منشور ۾ چيو ويو ته پنجن سالن ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ نوڪريون ڏنيون وينديون، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو جي ڊي پي 1 ڏهائي 5 سيڪڙو تائين تائين ڪئي ويندي، پنجن سالن ۾ هر سال شيون ٻاهر موڪلڻ جو حدف 60 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جو حدف مقرر ڪيو ويندو.………

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.