ايس پي ايل: شاهنوار ڏاهاڻي جي شاندار بالنگ، لاڙڪاڻي، سکر کي 10وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) سنڌ پريميئر ليگ ( ايس پي ايل ۾ لاڙڪاڻا چئلينجرز، سکر پيٽرياٽس کي ڏهن وڪيتن تان هارائي ڇڏيو.
ايونٽ جي ٻئي ڏينهن نيشنل اسٽيڊيم ۾ سکر جي ٽيم لاڙڪاڻي خلاف مقرر 20 اوورن ۾ نوَ وڪيٽن جي نقصان تي 134 رنسون ٺاهي سگهي، سکر طرفان سعد 52 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي جڏهن ته ذيشان 40 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.
لاڙڪاڻا چئلينجرز جي شاهنوار ڏاهاڻي شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 33 رنسون ڏئي چار وڪيٽون حاصل ڪيون.
135 رنسن جي جواب ۾ لاڙڪاڻا چئلينجرز جي اوپنر اسد شفيق ۽ ذيشان شاندار بيٽناگ ڪندي ففٽيز اسڪور ڪيون ۽ گهربل هدف 14 هين اوور ۾ بنا ڪنهن نقصان جي هدف پورو ڪري ورتو.
اسد شفيف 68 ۽ ذيشان 63 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.