دادو: اغوا ڄاڻايل نينگري ڊرامائي انداز ۾ هٿ

دادو (ويب ڊيسڪ) 5 ڏينھن اڳ اسڪول ويندي رستي تان مبينا طور اغوا ٿي ويل 6 درجي جي شاگردياڻي 12 ورھين جي اقرا ڌي ممتاز سرھيو کي بي سيڪشن پوليس ڊرامائي انداز ۾ مورو باء پاس تان ھٿ ڪري ورتو.

بازياب ڪرايل نينگري اقرا سرھيو کي وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪشن سيل منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب نينگري مورو باء پاس وٽ ملي آھي علائقي جي ماڻھن جي اطلاع تي نينگري کي تحويل ۾ وٺي دادو منتقل ڪيو آھي.

ننيگري جي اغوا جو ڪيس 4 نامعلوم ماڻھن مٿان نينگري جي چاچي امتياز سرھيو جي فرياد تي داخل ڪيو ويو ھو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.