درسي ڪتاب نه ڇپجي سگهيا، تعليمي سال ۾ ڦير گير

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم هيٺ شاگردن لاءِ درسي ڪتاب به وقت سر ڇاپڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي جنهن سبب تعليمي سال 15 سال اپريل بدران پهرين آگسٽ کان شروع ٿيندو.

ذريعن موجب اسٽيرنگ ڪاميٽي جي ذيلي ڪاميٽي ۾ نجي اسڪولن جي ايسوسيئيشن جي عهديدارن تعليمي سال وڌائڻ جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي نااهلي آهي جنهن جي سزا شاگردن کي ڏني پئي وڃي.

هنن چيو ته پرائيويٽ اسڪولن جا 50 لک شاگرد 15 اپريل کان تعليمي سال شروع ٿيڻ جا منتظر آهن ان لاءِ تعليمي سال ۾ دير نه ڪئي وڃي جڏهن ته تعليم واري نگران وزير رعنا حسين ۽ سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن تعليمي سال پهرين آگسٽ کان ئي شروع ڪرڻ جي ضد تي آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.